سکر: (ن س) سکر ڀرسان علاج لاءِ ويندڙ بگٽي برادري جي ماڻهن مٿان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. سکر ڀرسان تماچاڻي ٿاڻي جي حد فراش موڙ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ بالاچ بگٽي ۽ خميسو بگٽي مارجي ويا پوليس موجب مقتول ڌر عمر حيات بگٽي جي علاج لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڪار سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن انهي حوالي سان پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بگٽي ۽ مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب واقعو پيش آيو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، تمام جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو.










