ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اورنگي سيڪٽر 9 ۾ هڪ مقابلي کانپوءِ پوليس ٻن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب، اورنگي ٽائون سيڪٽر 9 ۾ هڪ پوليس مقابلي ۾ ٻن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران ڌاڙيلن جو هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پوليس حراست ۾ ورتل شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.










