شهدادپور ۾ پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادپور ۾ پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

شھدادپور(ن س )شھدادپور ويجھو ڳوٺ شير خان لغاري ۾ نافرمان پٽ اڪبر علي لاکو رات دير سان ننڊ ستل پيرسن پيء 60 سالا عبدالوارث لاکو کي مبينا طور لٺيون ھڻي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو
, فوتي جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي فوتي جي ڀاءُ اصغر لاکو موجب ته اڪبر لاکو جو ذھني توازن ٺيڪ ناھي جنهن جو علاج ھلندڙ ھو, اڪبر لاکو بابا کي ننڊ ستل لٺيون سرون ھڻي کيس قتل ڪيو آهي,جٽيا چيڪ پوسٽ انچارج برڪت لغاري موجب ته پيرسن پيء کي قتل ڪندڙ جوابدار اڪبر علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪنداسين. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو