روبيو جو اماراتي هم منصب سان رابطو،غزهه صورتحال تي ڳالهيون

روبيو جو اماراتي هم منصب سان رابطو،غزهه صورتحال تي ڳالهيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پنهنجي اماراتي هم منصب شيخ عبدالله سان رابطو ڪيو، ۽ ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.مارڪو روبيو ۽ شيخ عبدالله يو اي اي ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي پڻ بحث ڪيو.ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان رابطو ڪري علائقائي صورتحال ۽ گڏيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو