سڪرنڊ،ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت

سڪرنڊ،ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت

سڪرنڊ: (ن س) سڪرنڊ قومي شاهراهه پيالا هوٽل وٽ دل ڏاريندڙ ٽريفڪ حادثو پيش آيو آهي، تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت چار ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا۔ فوتين جا لاش ڪافي دير تائين روڊ تي پيل رهيا، علائقي واسين جي دانهن بعد موٽر وي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪيا۔اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثي جو شڪار ٿيل چارئي ڄڻا هڪ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هئا، جن کي تيز رفتار ٽرالر ٽڪر هنيو ۽ ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو۔ فوتين جو تعلق ڳوٺ اول ڇڇر، سعيد آباد سان ٻڌايو پيو وڃي.جن مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ سهيل احمد ۽ شرف الدين کوکر طور ٿي چڪي آهي۔ واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته پوليس طرفان فرار ٿيل ٽرالر ڊرائيور جي ڳولا جو عمل جاري آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو