ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سومر ڏينهن هڪ ٻيو ٻار کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿي ويو، هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو. هن سال کليل مين هولز ۽ نالن ۾ ڪري فوت ٿيندڙ ماڻهن جو ڪُل انگ 27 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ نوجوان ٻار، ڇوڪريون ۽ مرد شامل آهن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي ڪورنگي مهراڻ ٽائون واري علائقي ۾ 8 سالن جو ٻار گندي پاڻي ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو. ٻار جي سڃاڻپ دلبر جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پنهنجي گهر کان ٻاهر راند ڪندي گندي پاڻي ۾ ڪري پيو. ٻار جي لاش کي سندس چاچي گندي پاڻي مان ڪڍيو هو.هن مهيني جي شروعات ۾، ڪراچي جي گلشن اقبال علائقي ۾ نيپا چورنگي جي ويجهو هڪ کليل مين هول ۾ ڪري پيو هڪ 3 سالن جي ٻار جو لاش 14 ڪلاڪن بعد هڪ ڪلوميٽر پري هڪ نالي مان مليو.ڪراچي جي گلشن ۽ ڪورنگي علائقن ۾ گندي پاڻي جي نالي ۾ ڪري فوت ٿيندڙ ٻئي ٻار پنهنجي والدين جا اڪيلي ٻار هئا.










