قسم سان چوان ٿو ته هڪ به گٽر جو ڍڪ ناهي مليو

قسم سان چوان ٿو ته هڪ به گٽر جو ڍڪ ناهي مليو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف ٽائون چيئرمين گوهر خٽڪ چوي ٿو ته مان قسم کڻي چوان ٿو ته اسان کي گٽر جو ڍڪ به نه ڏنو ويو آهي.جڏهن ٽائون چيئرمين گوهر خٽڪ ڪورنگي پهتو ته علائقي جي رهواسين شور مچايو.ان موقعي تي پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ٽائون چيئرمين گوهر خٽڪ چيو ته جيڪڏهن اهي ثابت ڪن ته گٽر جا ڍڪ ڏنا ويا آهن ته پوءِ اهي سياست ڇڏڻ لاءِ تيار آهن.ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ کليل مين هول شهرين لاءِ موت جو کوهه بڻجي ويا آهن.ياد رهي ته ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ 8 سالن جو ٻار گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻار گهر کان ٻاهر راند ڪري رهيو هو ته هو گٽر ۾ ڪري پيو.واقعي کان پوءِ ٻار جي چاچي پاڻ لاش گٽر مان ڪڍيو.

پهنجو تبصرو موڪليو