ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هن سال کي ترقياتي ڪمن جو سال قرار ڏنو ويو هو، جنهن مطابق هلندڙ مالي سال دوران بلديه عظميٰ ڪراچي سڄي شهر ۾ 46 ارب رپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪري رهي آهي. هن چيو ته شهرين کي فوري رليف فراهم ڪرڻ ضروري آهي ۽ پنهنجي ٽيم کي 30 جون تائين 799 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي چار وڏن ڪوريڊورن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 4 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 40 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان نون قبرستانن جي تعمير جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.ميئر ڪراچي ٻڌايو ته حب ڊيم مان پراڻي ڪينال جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن سان ضلع ويسٽ ۽ ڪيماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي جو وڏو مسئلو حل ٿيندو. هن چيو ته K-IV منصوبي جي آگمينٽيشن لاءِ جلد ٽينڊرنگ جو عمل شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته سوا ٻه ارب رپين جي لاڳت سان لياري تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ايلي ويٽيڊ لائين آندي پئي وڃي.مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل ٻن سالن دوران سخت محنت ڪئي وئي، جان ماري وئي، بروقت ۽ سخت فيصلا ڪيا ويا ۽ صحيح حڪمت عملي ذريعي اهي سڀ ڪم ممڪن بڻايا ويا. هن چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومتن، ٽائون انتظاميه سميت سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. بلديه عظميٰ ڪراچي کي جيڪي چيلينج درپيش هئا، اهي هاڻي وڏي حد تائين ختم ٿي چڪا آهن ۽ ڪي ايم سي جا مالي حالتون واضح طور بهتر ٿي رهيون آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ وقت ڪراچي شهر، سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.انهن خيالن جو اظهار هن سومر جي ڏينهن بلديه عظميٰ ڪراچي جي هيڊ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي سٽي ڪائونسل ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، جمن دروان سميت ٻيا چونڊيل نمائندا ۽ عملدار به موجود هئا.ميئر ڪراچي چيو ته هلندڙ مالي سال جا شروعاتي ڇهه مهينا مڪمل ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري هن مناسب سمجهيو ته شهر جي بهتري ۽ ترقي لاءِ تيار ڪيل منصوبن ۽ انهن تي عملدرآمد بابت عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو گيم چينجر هو، آهي ۽ رهندو. هن ياد ڏياريو ته تازو پي آءِ اي جي نيلامي لاءِ پهرين بوليون ڪراچي مان آيون، جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن. بهرحال، منفي پروپيگنڊا سان ڏک ۽ تڪليف ٿيندي آهي ۽ ان سان شهر جو اصل چهرو مسخ ٿئي ٿو. “اسان ڪراچي وارا هميشه پاڪستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي”، هن چيو.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت صورتحال ۾ وڏي حد تائين بهتري آئي آهي. هلندڙ مالي سال جي ڇهن مهينن ۾ 22 لک 46 هزار اسفالٽ ڪارپيٽنگ ڪئي وئي، جڏهن ته 85 لک پيور بلاڪس شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳايا ويا. ايندڙ ڇهن مهينن ۾ وڌيڪ 9 لک 45 هزار اسفالٽ ڪارپيٽنگ ۽ 38 لک 28 هزار کان وڌيڪ پيور بلاڪس لڳايا ويندا.هن ٻڌايو ته جهانگير روڊ جي تعمير 30 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪي ايم سي پاران ازسرنو ڪئي پئي وڃي، جنهن تي جنوري جي پهرين هفتي ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو. پهلوان ڳوٺ جي سڙڪ نالي سان گڏ ازسرنو تعمير ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه بزنس رڪارڊر روڊ پڻ ڪي ايم سي تعمير ڪري رهي آهي، جڏهن ته ناتھا خان فلاءِ اوور تان ٻه متبادل سڙڪون 85 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيون وينديون، جن تي جنوري جي آخر تائين ڪم شروع ٿيندو.ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته شاهراهه ڀٽو استعمال ڪندڙن لاءِ عظيم پورہ وٽ ڏڍ ارب رپين جي لاڳت سان فلاءِ اوور تعمير ڪيو پيو وڃي. گلشن حديد روڊ کان الله واري چورنگي تائين سڙڪ تقريبن ساڍا 49 ڪروڙ رپين ۾ تعمير ڪئي ويندي، جڏهن ته طوري بنگش اتحاد ٽائون ڏانهن حب ريور روڊ جي تعمير تي لڳ ڀڳ هڪ ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.مرتضيٰ وهاب چيو ته سؤ سال پراڻي هوتي مارڪيٽ تي ڪم جاري آهي، جنهن جو افتتاح ايندڙ هفتي ڪيو ويندو، جڏهن ته لي مارڪيٽ کي به بحال ڪيو پيو وڃي. ڪڊني هل پارڪ ۾ 20 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان برڊ ايوري تعمير ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گٽر باغيچه ۾ 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پبلڪ پارڪ ٺاهيو پيو وڃي. بلديه ۽ ماڙي پور ٽائون ۾ نون فٽبال گرائونڊن جي تعمير جو ڪم 30 اپريل تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ضلعي وچولي شادمان ۾ پارڪ ۽ آءِ ٽي سينٽر تعمير ڪيا پيا وڃن.ميئر ڪراچي ٻڌايو ته حب ڊيم مان نئين ڪينال جي تعمير کان پوءِ پراڻي ڪينال جي مرمت به مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ پمپس جاپان مان گهرايا پيا وڃن. واٽر ٽريٽمينٽ تي به وڏي پيماني تي ڪم جاري آهي، جنهن تحت روزانو 10 ملين گيلن پاڻي صاف ڪري صنعتي استعمال لائق بڻايو ويندو. گلشن حديد ۾ واٽر پمپنگ جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪريم آباد انڊرپاس ۽ منور چورنگي انڊرپاس جا منصوبا به تمام جلد مڪمل ڪيا ويندا.هن چيو ته يونيورسٽي روڊ تي ريڊ لائين منصوبي تي ٽرانس ڪراچي ڪم ڪندي. گذريل جمعي ڪنٽريڪٽر کي ادائيگي ڪئي وئي آهي، هاڻي ڪم تيزي سان ٿيندو ۽ مارچ کان جولاءِ تائين انفراسٽرڪچر جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويندو.ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته اسپنسر آءِ اسپتال کي جديد ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آهن، جڏهن ته عباسي شهيد اسپتال ۾ به نئين بلاڪ کي ساڳئي نموني فعال ڪرڻ چاهين ٿا.آخر ۾ ميئر ڪراچي چيو ته ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي جي محنت کان پوءِ هاڻي ڪراچي جي شهرين کي عملي ڊيليوري ملي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته شفافيت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ڪرپشن برداشت نه ڪئي ويندي، ڄاڻي واڻي ڪا به غلطي نه ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿئي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن ان جي اصلاح ٿي سگهي۔










