جيڪب آباد: (ن س) جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي نابين قُلي جي ڌيءَ جي مدد سان سامان کڻڻ جي سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو جو وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي نوٽيس وٺي ڇڏيو.اکين جي نور کان محروم اڪبر علي جمالي سالن کان معصوم ڌيءَ جي سهاري مسافرن جو سامان کڻندو رهيو. ريلوي واري وزير اڪبر علي جمالي جي اپيل منظور ڪندي ڌيءَ کي پاڪستان ريلوي ۾ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير ريلوي اڪبر علي جمالي سان وزارت ۾ ملاقات به ڪندو.اکين جي نور کان محروم قُلي جي ممڪن علاج جي لاءِ ريلوي وارو وزير پنهنجي کيسي مان مالي مدد جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته رياست پورهيتن سان گڏ بيٺل آهي. ويلفيئر جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.










