ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيمن بلوچستان لبريشن آرمي(بي ايل اي) ۽ بلوچ لبريشن فرنٽ(بي ايل ايف) طرفان ننڍي عمر جي ٻارڙين کي آپگهاتي حملي آور بنائڻ جي سازش ناڪام بنائي وئي آهي، هڪ نوجوان ڇوڪري کي انهن جي منصوبه بندي کان بچايو ويو آهي.ضياءُالحسن لنجار ٻڌايو ته اها ٻارڙي بلوچستان سان تعلق رکي ٿي ۽ عام اسڪول ۾ تعليم پرائي رهي آهي. انهي جو والد فوت ٿي چڪو آهي جڏهن ته انهي جو هڪ ڀاءُ پوليس ۽ ٻيو سول اداري ۾ ملازم آهي ٻارڙي کي مختلف ماڻهن ذهن سازي جي لاءِ واٽس ايپ گروپس ۾ شامل ڪيو هو ۽ انهي کي ڌوڪي ڏئي آپگهاتي حملي جي لاءِ تيار ڪيو پئي ويو.ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ٻڌايو ته 25 ڊسمبر جي رات هڪ حساس انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي دوران انهي ٻارڙي کي حفاظت سان گرفتار ڪيو ويو. جاچ مان خبر پئي ته دهشتگردن سوشل ميڊيا تي چڙ ڏياريندڙ ۽ انتها پسند مواد جي ذريعي انهي معصوم ذهن کي متاثر ڪيو ۽ همدردي جي بهاني رابطو ڪري انهي کي آپگهاتي حملي جي لاءِ ڀڙڪائڻ شروع ڪيو. ٻارڙي کي ڪوڙ ڳالهائي ڪراچي اماڻيو ويو پر پوليس ناڪن تي چيڪنگ سبب منصوبو ناڪام ٿي ويو.پريس ڪانفرنس ۾ متاثر ٻارڙي ۽ انهي جي والده جون ڳالهيون به ميڊيا جي سامهون سڃاڻپ ڳجهي رکندي جاري ڪيون ويون. ٻارڙي ٻڌايو ته اها نفرت انگيز مواد ڏسندي رهي ۽ آهستي آهستي انهي کي اهو سڀ ڪجهه سچ لڳڻ لڳو جڏهن هينڊلز کي خبر پئي ته انهي جو والد نه آهي ته انهي همدردي جو مظاهرو ڪري ٻارڙي کي وڌيڪ ڦاسايو.متاثر ٻارڙي ٻڌايو ته مون کي نفرت ڏياريندڙ مواد ڪيترائي ڀيرا ڏيکاريو ويندو هو جنهن سان منهنجو ذهن خراب ٿي رهيو هو. هن اعتراف ڪيو پڇاڳاڇا جي دوران مون کي احساس ٿيو ته مان تباهي طرف وڃي رهي هئس. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارڙين کي قربان ڪرڻ بلوچيت نه آهي ٻارڙي ٻڌايو ته مون کي ذهني طور تي تيار ڪيو پئي ويو ته جيئن آپگهاتي حملي آور بڻجي سگهان منهنجي ذهن ۾ هر ڀيري اها ڳالهه وڌي وئي ته جان ڏيڻ ئي سڀني کان وڏو مقصد آهي.متاثر ٻارڙي ٻڌايو ته مون گهر مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو پر مون کي انهي ڳالهه جو اندازو نه هو ته مان ڇا ڪري رهي آهيان ڪراچي پهچندي ئي مون کي هڪ عورت بس ۾ ويهاريو هو. آخر ۾ ٻارڙي ادارن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته منهنجي جان بچائڻ تي مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٿورائتي آهيان.سنڌ جي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن جو نئون حدف ٻارڙا آهن ۽ سوشل ميڊيا کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي. رياست متاثر ٻارڙي جي مڪمل حفاظت، عزت ۽ مستقبل جي ضمانت ڏئي ٿي. والدين کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته اهي پنهنجي ٻارن جي آن لائين سرگرمين تي سخت نظر رکن ته جيئن اهي دهشتگردن جي ڄار ۾ نه ڦاسن.ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ چيو ته نفرت ڏياريندڙ مواد جي روڪٿام لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي سخت چيڪنگ ڪئي ويندي ۽ قانون موجب سهولتڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. دهشتگردي جي خلاف آپريشن بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندو. رياست انهي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو نرم رويو اختيار نه ڪندي.










