ڪي پي سي جون چونڊون، ڊيموڪريٽس پاران ڪلين سوئپ

ڪي پي سي جون چونڊون، ڊيموڪريٽس پاران ڪلين سوئپ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊيموڪريٽس پينل هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ سڀني سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي.ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ وڏي انگ ۾ صحافين ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو. پولنگ صبح 9 وڳي شروع ٿي ۽ شام 5:30 وڳي تائين بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهي.چونڊون ڊيموڪريٽس، ڊيموڪريٽ، گرين پينل ۽ آزاد اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو هيون. پريس ڪلب جي 1369 رجسٽرڊ ميمبرن مان 1011 ووٽ ڏنا.اليڪشن ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر توصيف احمد خان ڪراچي پريس ڪلب ۾ نتيجن جو اعلان ڪيو. ڊيموڪريٽس پينل مسلسل 18 هين ڀيرو چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي,ڊيموڪريٽس پينل جي فضل جميلي 536 ووٽن سان صدر چونڊجي ويا، جڏهن ته اسلم خان 493 ووٽن سان سيڪريٽري چونڊجي ويا.ارشاد کوکر 480 ووٽن سان نائب صدر جو عهدو، عمران ايوب 622 ووٽن سان خزانچي جو عهدو ۽ فاروق سميع 556 ووٽن سان جوائنٽ سيڪريٽري جو عهدو کٽيو.گورننگ باڊي جي 7 سيٽن تي عبدالجبار ناصر، اختر حسين سومرو، شيما صديقي، فريال عارف، جاويد صبا، سيد فريد عالم ۽ جاويد مهر ڪامياب قرار ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو