ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سي آءِ اي پوليس آفيسرن هوائي فائرنگ ڪئي ۽ ڀتا خوري جي ڪيس ۾ هڪ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪيو.پوليس عملدارن موجب، ڪراچي جي صدر علائقي ۾ سي آءِ اي پوليس آفيسرن هوائي فائرنگ ڪئي.آفيسرن چيو ته پوليس ٽيم ڀتا خوري جي ڪيس ۾ هڪ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هوٽل پهتي، پر هوٽل مالڪ ۽ ٻين ماڻهن هٿياربند مزاحمت ڪئي.آفيسرن موجب، پوليس آفيسرن به هوائي فائرنگ ڪئي ۽ جوابدار کي حراست ۾ ورتو، جڏهن ته ان حوالي سان هڪ وڊيو پڻ سامهون آئي آهي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي ڪرسيون اڇلائيندي ۽ انهن کي مارندي ڏسي سگهجي ٿو.










