پاڪستان جي ڌيءَ جي ورسي، حڪومتي وفد جي شرڪت

پاڪستان جي ڌيءَ جي ورسي، حڪومتي وفد جي شرڪت

سکر (ن س )اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ هڪ اعليٰ سطحي سرڪاري وفد سکر پهچي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي هڪ اعليٰ سطحي سرڪاري وفد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، سرڪاري وفد جي اڳواڻي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو، وفد ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُ الله، وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر شامل آهن. وفد پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت سان به ملاقات ڪندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي عظيم ڌيءَ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي ملهائي رهيا آهيون. بينظير ڀٽو عورتن جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،اياز صادق چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ رواداري، برداشت، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي جي سفر کي اڳتي وڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو