گڙهي خدا بخش / لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسيءَ تي هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي اسلامي دنيا جي پهرين ۽ پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل عورت وزيراعظم ۽ عظيم سياسي مدبر کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته بي بي شهيد جو آخري پيغام مفاهمت هو، سياسي جماعتن کي انتهاپسندي ڇڏڻي پوندي.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن ۽ ٻاهرين چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اندروني سياسي بحران جي حل کي ناگزير قرار ڏيندي چيو ته ملڪ کي سياسي ورهاست مان رڳو مفاهمت جو بادشاهه صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ئي ڪڍي سگهي ٿو.
چيئرمين جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته 18 سال گذرڻ باوجود هر سال گڙهي خدا بخش ۾ ملڪ جي چارئي صوبن مان لکين ماڻهو گڏ ٿي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث قاتلن ۽ قوتن سميت دنيا کي اهو پيغام ڏين ٿا ته: “ڪالهه به بي بي زنده هئي، اڄ به بي بي زنده آهي.”
هن پيپلز پارٽي سان غيرمتزلزل حمايت تي عوام جو شڪريو ادا ڪندي چيو: “اوهان جي هن ساٿ ۽ محبت مان اسان کي طاقت ملي ٿي، ۽ ان طاقت سان اسين اسلام آباد وڃي اوهان جي مسئلن جا حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.”
گڙهي خدا بخش ۾ ٿيل جلسي عام ۾ صدرِ مملڪت آصف علي زرداري، فرسٽ ليڊي بي بي آصفه ڀٽو زرداري سميت پارٽي جا سينيئر اڳواڻ به موجود هئا.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن سال مئي ۾ پاڪ-ڀارت جنگ دوران پاڪستاني فوجن ملڪ کي اهڙي فتح ڏني جنهن کي سڄي دنيا ساراهيو. هن ان فتح کي عوام جي فتح قرار ڏيندي چيو ته گڙهي خدا بخش جي قربانين کانسواءِ اها ڪاميابي ممڪن نه هئي. هن چيو ته انهن قربانين سبب پاڪستان ايٽمي قوت بڻيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري ملڪ کي اها ميزائل ٽيڪنالاجي ملي جنهن سان اسان پنهنجو دفاع ڪري سگهياسين.
هن وڌيڪ چيو ته تازين جنگ ۾ جن جهازن ڀارت جا ڇهه جنگي جهاز ڪيرايا، اهي به صدرِ پاڪستان چين مان حاصل ڪيا هئا. هن چيو ته شڪست کانپوءِ نريندر مودي ڪٿي غائب ٿي ويو آهي، ۽ ڀارتي وزيراعظم پاڪستان جي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو نالو ٻڌي خاموش ٿي وڃي ٿو.
چيئرمين نشاندهي ڪئي ته پاڪ-چين دوستيءَ جو بنياد قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو، جنهن کي بعد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري پنهنجي پنهنجي دور ۾ وڌيڪ مضبوط بڻايو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي گذريل صدارتي مدي ۾ پاڪ-چين معاشي راهداري (سي پيڪ) جهڙي عظيم منصوبي جو بنياد رکي دوستي کي وڌيڪ هٿي ڏني.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر 27هين آئيني ترميم جي منظوري کي جيالن جي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته ان سان آئيني عدالت جو قيام ممڪن ٿيو، جيڪو پارٽي جو منشور ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو عوام سان ڪيل واعدو هو. هن چيو ته جن نڪتن تي جيالن کي تحفظات هئا، اهي 27هين ترميم ۾ شامل نه ڪيا ويا.
هن چيو ته پيپلز پارٽي هڪ وفاق پرست جماعت آهي ۽ سنجيدگي سان سياست ڪري ٿي. اسان سمجهون ٿا ته وفاق جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن، ۽ اسين وفاق کي درپيش معاشي چئلينجن ۽ پريشانين جو حل ڪڍنداسين. صوبن جي حقن جي تحفظ سان گڏ وفاق جا مسئلا به حل ڪري سگهجن ٿا.
هن زور ڏنو ته صوبن جا حق کسڻ بدران کين ٽيڪس ڪليڪشن جهڙيون وڌيڪ ذميواريون ڏنيون وڃن، ۽ ان حوالي سان اسين تيار آهيون. وفاق کي حيسڪو، ليسڪو ۽ پيپڪو جهڙن ادارن جو ٻوجھ پنهنجن ڪلهن تان لاهي صوبن حوالي ڪرڻ گهرجي.
چيئرمين پي پي پي چيو ته عوام وفاقي حڪومت جي انهن دعوائن تي سوال اٿاري رهي آهي ته جيڪڏهن معيشت ترقي ڪري رهي آهي ته پوءِ عام ماڻهو ڇو معاشي بحران ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته عوام مهانگائي، بي روزگاري ۽ غربت سان مقابلو ڪري رهيو آهي، ۽ بجلي، گيس ۽ ضروري شين سميت هر شيءِ مهانگي ٿيندي پئي وڃي. ادارن ۾ صلاحيت جو بحران آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي وٽ ئي اها صلاحيت ۽ منشور آهي جيڪو عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍي سگهي ٿو.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙو انقلابي قدم کنيو، جيڪو اڄ به ملڪ ڀر جي غريب عورتن لاءِ سهارو بڻيل آهي. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ سنڌ حڪومت بي گهر خاندانن لاءِ 20 لک گهر تعمير ڪري رهي آهي، جن جا مالڪاڻا حق لاڳاپيل خاندانن جي عورتن کي ڏنا پيا وڃن، اهو عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ جو ٻيو انقلابي قدم آهي.
هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته صوبي ڀر ۾ علاج معالجي جون عالمي معيار جون سهولتون سو سيڪڙو مفت فراهم ڪيون وينديون. اڄ سنڌ جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن مان 50 سيڪڙو ٻين صوبن سان تعلق رکن ٿا، ۽ ملڪ جي غريب شهرين جي خدمت کي اسين پنهنجي ذميواري سمجهون ٿا.
پي پي پي چيئرمين، سيلا ب کانپوءِ وزيراعظم ميان شهباز شريف پاران زرعي ايمرجنسي جهڙن قدمن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي ڀاڻ ۽ ٻج خريد ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڏئي رهي آهي.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ سياسي بحران مان نڪرڻ ضروري آهي. 9 مئي جهڙا واقعا ۽ ادارن کي گاريون ڏيڻ سياست جي دائري ۾ نٿا اچن. هن چيو: “جيالن کان پڇان ٿو، جيڪڏهن صدر زرداري يا مون کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مان ڪور ڪمانڊر تي حملي جو چوندو هجان ها ته ڇا اوهان سان سخت رويو نه رکيو وڃي ها؟”
هن چيو ته قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بنا جواز ڦاهي ڏني وئي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو، پر پيپلز پارٽي قانون هٿ ۾ وٺڻ بدران سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ هر پاسي “نه کپن” جا نعرا هئا، پر صدر آصف علي زرداري “پاڪستان کپن” جو نعرو هڻي ملڪ ۽ وفاق کي بچايو.
آخر ۾ هن چيو ته سياسي بحران جي خاتمي لاءِ سياسي جماعتن کي “سياسي رستو” ڪڍڻو پوندو. موجوده سياسي ورهاست ۾ جيڪڏهن پاڪستان جي عوام ۽ سياسي جماعتن لاءِ ڪو هڪ فرد قبولِ عام ۽ اميد آهي ته اهو “مفاهمت جو بادشاهه” صدر آصف علي زرداري آهي. اهو ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندو، فيصلو اسان جا وڏا ڪندا؛ اسين رڳو تجويز ڏئي سگهون ٿا. سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام کي رليف ملي ۽ ملڪ کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ٿي سگهي.










