ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياقت آباد نمبر 5 ۾ هڪ گهر ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي فائر برگيڊ پاران ضابطو آندو ويو.فائر برگيڊ موجب، گهر ۾ لڳل باهه وسائي وئي، 3 گاڏين باهه وسائڻ ۾ حصو ورتو، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.فائر برگيڊ جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.










