هڱورجا ۾ اڻڄاتل ڪار ۽ پيرسن عورت کي ڇڏي فرار

هڱورجا ۾ اڻڄاتل ڪار ۽ پيرسن عورت کي ڇڏي فرار

هڱورجا (ن س )هڱورجا ڀرسان لنڪ روڊ تي اڻڄاتل ماڻهو ڪار ۽ پيرسن عورت کي ڇڏي فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي ڪار ۽ پيرسن عورت کي تحويل ۾ وٺي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. هڱورجا ٿاڻي جي حد لنڪ روڊ رڪراڻا سهتا وٽ نامعلوم ماڻهو اڇي رنگ جي ڪار نمبر بي جي ڪي 961 ۽ ان ۾ سوار هڪ پيرسن عورت کي ڇڏي ويا آهن. اطلاع تي پوليس پهچي ڪار ۽ عورت کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او هڱورجا جو چوڻ آهي ته هٿ آيل ڪار ۽ عورت بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، پيرسن عورت ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو