ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) مڇر ڪالوني جي علائقي ۾ واقع گهر ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ تان پيءُ فائرنگ ڪري ڌيءَ ۽ ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو.ريسڪيو اختيارين موجب عورت سول اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. پوليس موجب فائرنگ مارجي ويل عورت جي والد ڪئي جنهن کان پوءِ جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو. مقتوله، مقتول عتيق سان پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن کان پوءِ اهي پشاور کان ڪراچي اچي ويا هئا.جوابدار والد پنهنجي ڌيءَ سان رابطي ۾ هو، 3 ڏينهن اڳ ڌيءَ ۽ ناٺي جي گهر آيو هو، واقعي وقت ڌيءَ ۽ ناٺي ستل هئا ته جوابدار انهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو جنهن کان پوءِ هو فرار ٿي ويو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. پوليس موجب تمام جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.










