ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سوالين لاءِ قائم ڪيل استقباليه جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايندڙ شهرين سان سڌي ريت ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا پاڻ ٻڌا. چيف سيڪريٽري سنڌ سوالين جي مسئلن کي سنجيدگي سان وٺندي لاڳاپيل سيڪريٽرين کي موقعي تي ئي هدايتون جاري ڪيون ته عوامي مسئلن جو فوري ۽ مؤثر حل يقيني بڻايو وڃي ۽ غير ضروري دير يا پيچيدگين جو خاتمو ڪيو وڃي. ترجمان موجب چيف سيڪريٽري سنڌ هدايت ڪئي ته سوالين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ شڪايتن جي داخلا کان وٺي انهن جي حل تائين سمورن مرحلن جي باقاعده مانيٽرنگ ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي بار بار سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پون. هن استقباليه عملي کي پڻ هدايت ڪئي ته شهرين جي اثرائتي نموني رهنمائي ڪئي وڃي ۽ کين صحيح لاڳاپيل شعبن تائين بروقت پهچايو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مجموعي عوامي سهولتن جو پڻ جائزو ورتو ۽ عوام دوست قدمن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته شفافيت، جوابدهي ۽ بهتر سروس ڊيليوري صوبائي حڪومت جي پاليسي جو بنيادي حصو آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن ان عزم کي ورجايو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ انتظاميا هر سطح تي متحرڪ رهندي ۽ شهرين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي قدم جاري رکيا ويندا.










