ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ جي تحت 3 وڏا ترقياتي معاهدا طئي ڪري ورتا آهن ڪراچي ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ ۽ اين اي ڊي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبن تي ڪويت جي سرڪاري ڪمپني سان معاهدا طئي ٿي ويا.وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ جي تحت شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، ڊپلومينٽس، صوبائي سيڪريٽريز، پرائيويٽ ڪمپني جي اعليٰ عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ڪويت جي سرڪاري ڪمپني انرٽيڪ جي سربراهه عبدالله المتيري ۽ انهي جي وفد شرڪت ڪئي. تقريب جو ميزبان سنڌ جي وڏي وزير جو سرمائيڪاري بابت اسپيشل اسسٽنٽ سيد قاسم نويد هو.سنڌ جي وڏي سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي اهم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انرٽيڪ هولڊنگ ڪمپني جي ڀائيواري سان پاڻي، توانائي، جدت ۽ ماحولياتي شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. نبيسر، وجيهر واٽر سپلاءِ منصوبي جي ڪمرشل آپريشنز تاريخ جي تڪميل جو جشن ملهائي رهيا آهن. اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبي جي لاءِ ڪنسيشن معاهدي تي عملدرآمد ڪري رهيا آهيون.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽي پي فور ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ منصوبي جي لاءِ مفاهمي يادداشت تي صحيحون ڪري رهيا آهيون. نبيسر وجيهر واٽر سپلاءِ منصوبو ٿر بلاڪ اول کي پاڻي فراهم ڪندو. واٽر سپلاءِ منصوبي جي تحت 45 ڪيوسڪ پاڻي ٿر جي پاور پلانٽس کي فراهم ڪيو ويندو. منصوبي سان 1.650 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي جنهن سان قومي سطح تي بجلي جي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نبيسر، وجيهر منصوبو سنڌ جي تاريخ جو سڀني کان وڏو ۽ ڏکين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن ۾ شامل آهي. سنڌ حڪومت ۽ انٽٽيڪ واٽر پرائيويٽ لميٽيڊ جي سهڪار سان اهم آبي انفرا اسٽرڪچر ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو. انٽرٽيڪ، هولڊنگز ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جو ذيلي ادارو آهي، سڌو سنئون پرڏيهي سرمائيڪاري سنڌ حڪومت ۽ ڪويت حڪومت جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا ۽ گڏيل ڀروسي جي نشاني آهي.










