27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي 27 ڊسمبر ڇنڇر جي ڏينهن سموري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انهي حوالي سان باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 27 ڊسمبر تي سموري سنڌ جون سرڪاري، نيم سرڪاري آفيسون، خودمختار ادارا، بلدياتي ادارا ۽ مقامي حڪومتن جون آفيسون بند رهنديون. انهي فيصلي جو اطلاق صوبي جي سمورن ضلعن تي هڪ ئي وقت تي ٿيندو.هر سال جيان هن سال به 27 ڊسمبر تي سموري صوبي ۾ ورسي جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون، دعائيه مجلسون ۽ سياسي اجتماع منعقد ڪيا ويندا.اختيارين موجب موڪل سبب سرڪاري آفيسن ۾ معمول جون سرگرميون معطل رهنديون، پر اسپتالون، ريسڪيو سروسز ۽ ٻيا ضروري ادارا معمول موجب ڪم ڪندا رهندا. عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي موڪل سبب سرڪاري ڪمن بابت منصوبه بندي پهريان کان ڪري وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو