ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڀته خوري ۾ ملوث پرڏيهي ملڪن ۾ موجود ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ بلڊرز ۽ واپارين جي شڪايت کان پوءِ ڀته خورن جي خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ ڀته خورن کي نه ڇڏيو ويندو. انهي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان به رابطو ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ايس ايس پي ايس آءِ يو ڊاڪٽر عمران خان جو چوڻ آهي ته ڀته خورن جي خلاف روزاني جي بنياد تي ڪارروايون جاري آهن. هن سال هينئر تائين 50 کان وڌيڪ ڀته خورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 170 شڪايتون مليون آهن.هن چيو ته جمعي جي صبح به هڪ ڀته خور مقابلي ۾ مارجي ويو جنهن جي موبائل فون مان مختلف واپارين جا نه صرف فون نمبر مليا پر اها ڊيٽا به ريڪور ڪئي وئي جنهن ۾ هن ڀتو طلب ڪيو هو.ڊاڪٽر عمران خان وڌيڪ چيو ته بلڊر جي نمائنده تنظيم آباد جن 10 ڪيسز جو ذڪر ڪيو آهي انهن مان صرف 3 واقعن جا ڪيس داخل ڪرايا ويا جڏهن ته 5 جي باري ۾ ڪڏهن به آگاهه نه ڪيو ويو، 2 ڪيسز ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پيش آيا جن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.










