ڄامشورو ۾ پنجن سالن کان بند پيل پلانٽ ٻيهر فعال

ڄامشورو ۾ پنجن سالن کان بند پيل پلانٽ ٻيهر فعال

ڄامشورو (رپورٽر)پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ تاريخي ترقي ڪئي آهي، ڄامشورو پلانٽ، جيڪو 5 سالن کان بند هو، ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽيڊ (JJVL) پلانٽ جي بحالي سان ساليانو تقريباً 200 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي، ۽ سالياني ٽيڪس ذريعي ساليانو تقريباً 3 ارب رپيا ڪمائڻ جو امڪان آهي.SIFC جي قدمن هڪ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تعطل کي حل ڪيو آهي، ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني کي تعطل کان پوءِ 2 ارب ڊالر ڪمائڻ جي اميد آهي.ڄامشورو پلانٽ جي ٻيهر فعال ٿيڻ کان پوءِ، تقريبن 5,000 سڌي ۽ اڻ سڌي طرح روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا.مقامي پيداوار ۾ واڌ جي ڪري 750,000 کان وڌيڪ گهرن جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو.ايسوسيئيٽڊ گروپ چيئرمين اقبال احمد جو چوڻ آهي ته SIFC جي سهولت جي ڪري 250 ملين ڊالر ڪمائڻ جي صلاحيت بحال ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو