دادو: (ن س) دادو ۾ ناري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي 3 عورتون زخمي ٿي پيون جنهن کان پوءِ متاثر عورتون پاڪ ڪتاب کڻي دادو پريس ڪلب پهچي ويون.رپورٽ موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان مبينا طور ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي 3 عورتون زخمي ٿي پيون جنهن کان پوءِ متاثر عورتون پريس ڪلب پهچي ويون. شهباز ڪالوني ۾ 17 ورهين جي ناري امبر پنهور کي 10 کان وڌيڪ مبينا هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي مسمات دادلي پنهور، ڦاپل، امبر پنهور زخمي ٿي پيون.زخمي عورتن موجب جوابدار مريد، الطاف، عارف پنهور ۽ ٻين گهر ۾ داخل ٿي اسان جي نياڻي امبر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي زخمي ڪيو ويو اهڙي واقعي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي متاثر عورتن پاڪ ڪتاب کڻي دادو پريس تي احتجاج ڪندي ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










