رينجرز جو آپريشن، اسو گينگ جا 3 جوابدار گرفتار

رينجرز جو آپريشن، اسو گينگ جا 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز (سنڌ) انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي نارٿ ڪراچي ۽ خواجه اجمير نگري علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦر جي واقعن ۾ ملوث آسو گينگ جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، رينجرز سنڌ جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ حمزه عرف ڀگوان پٽ ناصر خان، صفير پٽ وارث ۽ شبير پٽ اصغر شامل آهن. جوابدارن جي قبضي مان ٽي 30 بور پستول، گولا بارود ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي، ترجمان موجب گرفتار جوابدار منشيات جي اسمگلنگ، موٽرسائيڪل چوري، ڦر ۽ موبائل فون ڦرڻ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو