ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪٻڊي گرائونڊ ويجهو نالي ۾ ڪرڻ سبب هڪ بزرگ شهري فوت ٿي ويو.سي سي ٽي وي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شهري سامان سان ڀريل پنهنجي سائيڪل سان اونداهي روڊ تي هلي رهيو هو ته اوچتو روڊ جي ڪناري تي هڪ نالي ۾ ڪري پيو.واقعي وقت ٻه موٽرسائيڪل سوار به اتان گذريا، پر ڪنهن به کيس نه ڏٺو ۽ نه ئي ڪو مدد لاءِ آيو.شروعاتي معلومات موجب، نالي جي چوڌاري حفاظتي ڀت نه هجڻ سبب حادثو پيش آيو.ياد رهي ته هي واقعو ڪالهه پيش آيو.ريسڪيو ذريعن موجب، مقتول جي سڃاڻپ 70 سالن جي ڪلي خان جي نالي سان ڪئي وئي آهي.پوليس موجب، مقتول زمان ٽائون سيڪٽر 34-3 جو رهواسي هو. لاش کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.










