ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هارون آباد کان ڪراچي ايندڙ بس حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ 7 مسافر زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب، ڪوهيڙي سبب ظهير پير انٽرچينج جي ويجهو بينظير روڊ تي بس اونڌي ٿي وئي، ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.جڙانوالا کان رجانا تائين موٽر وي ايم 3، گوجره کان ملتان تائين ايم 4 ۽ ملتان کان روهڙي تائين ايم 5 کي ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو آهي.قومي شاهراه تي نظر گهٽجي 100 ميٽر ٿي وئي آهي.










