ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينه سال 26-2025 جي لاءِ ڪڻڪ ريليز پاليسي ۾ نطرثاني جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪابينه اجلاس ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ نظرثاني ڪئي وئي. هن چيو ته سرڪاري ڪڻڪ فوري طور تي اٽي جي ملن، چڪين ۽ واپارين کي فراهم ڪئي ويندي.ڪابينه 100 ڪلو گرام في ٻوري ڪڻڪ جي قيمت 6 هزار روپيه مقرر ڪئي هئي جڏهن ته پهريان ساڍا 9 هزار روپيه هئي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪابينه جو فيصلو مارڪيٽ ۾ استحڪام کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. وقت تي رليز سان ڪڻڪ جي معيار کي برقرار رکڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ جي جڳهه خالي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.سنڌ ڪابينه جو چوڻ هو ته عوام جي لاءِ اٽي جون مناسب قيمتون يقيني بنائڻ جون ڪوششون جاري آهن. صوبائي ڪابينه ڪڻڪ جي قيمتن جي سخت نگراني جي لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ذيلي ڪميٽي ضرورت پوڻ تي جاري قيمت ۾ هيٺ مٿانهين جون سفارشون پيش ڪندي.










