اوٻاوڙو: اغوا ٿيل 14 مان 13 بازياب هڪ جو لاش هٿ

اوٻاوڙو: اغوا ٿيل 14 مان 13 بازياب هڪ جو لاش هٿ

اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو ۾ گڊوڪشمور روڊ تي هڪ بس مان اغوا ٿيل 19 مسافرن مان يارهن کي بازياب ڪرايو ويو ، ڊي ايس پي اوٻاڙو جو چوڻ آهي ته سومياڻي ۾ مقابلي کانپوءِ يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو ۽ وڌيڪ يرغمالين جي بازيابي لاءِ علائقي کي گهيري ۾ رکيو ويو آهي،پوليس ۽ رينجرز ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري رهيا آهن ۽ ڊرون جي مدد سان ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن سومر جي رات گهوٽڪي ۾ 19 مسافرن کي اغوا ڪيو ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن مريد شاخ جي ويجهو گڊوڪشمور روڊ تي هڪ مسافر بس تي حملو ڪيو ۽ مسافرن کي اغوا ڪيو، اکين ڏٺن شاهدن موجب، بس ۾ عورتن سميت 25 ماڻهو هئا. ڌاڙيل عورتن کي ڇڏي 19 مردن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، پوليس موجب ڌاڙيلن فائرنگ به ڪئي، بس جون دريون ٽوڙي ڇڏيون. مسافر بس صادق آباد کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، مسافرن جي اغوا کان پوءِ پوليس ۽ رينجرز کي ڌاڙيلن جي ڳولا ۾ روانو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو