حيدرآباد (ن س)حيدرآباد پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 28 هين ترميم اڃا ڄائي ئي نه آهي ته اهو ڪيئن چئون ته انجي شنل ناني جهڙي آهي۔ 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ نون صوبن جو پرپوزل 27 هين ترميم ۾ به هو پر اسان اهو قبولڻ کان انڪار ڪري ملڪ کي نقصان کان بچايو۔ اسان اين ايف سي ايوارڊ جو به تحفظ ڪيو جڏهن ته ان ترميم ۾ تعليم صوبن کان واپس وٺڻ سميت الائي ڪيتريون ڳالهيون شامل هيون۔ اهي شيون ان ترميم ۾ نه ٿيون جنهنجو مطلب آهي ته اسانجي ڳالھ مڃي وئي ۽ جنهن ملڪ کي نقصان پهچائڻ ٿي چاهيو انکي ناڪامي ٿي۔ شهيد محترم بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي سلسلي ۾ راجپوت هائوس تي ٽن ڊويزنن حيدرآباد, شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي عهديدرن جي اجلاس کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته اڄ شهيد بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي سلسلي ۾ ڊويزنن جي عهديدارن کي گهرائي کانئن مشورا ورتا ويندا ته ورسي جي پروگرام کي ڪيئن ترتيب ڏجي۔ شهيد بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 1 ورهيه گذري ويا آهن ۔ سمورو ملڪ کيس اڄ به ياد ڪري ٿو ۽ ياد ڪندو رهندو۔ سندس شهادت جي ڪري ئي اڄ ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي۔بينظير صاجھبه جي ورسي جو ٽائيم منجهند جو 2 وڳي آهي ۽ ورسي جو پروگرام ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندو۔ نثار کهڙي چيو ته ملڪ کي پاڪستاني قوم ٺاهيو آهي ۽ عوام کي گڏ کڻي هلڻ اسان جي پارٽي جو شان آهي ۔ اسان کي خوشي آهي پيپليز پارٽي اقتدار ۾ نه هجڻ جي باوجود طاقت رکي ٿي ۽ ان طاقت ذريعي حڪومت کان ڪجھ نه ڪجھ مڃرائي وٺون ٿا۔ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ جنرل مشرف ملڪ ۾ ترڪش نظام آڻڻ ٿي چاهيو جڏهن ته اسان ملڪ ۾ خالص جمهوريت چاهيون ٿا۔ هن چيو ته هر آئين ۾ ترميم ٿيندي رهندي آهي, 27 هين ترميم جو قصور ڪهڙو آهي, اسان ته ان آئيني ترميم ذريعي صرف آئيني ڪورٽ ٺاهي آهي۔ 26 هين ترميم ۾ ٺهيل بينچ کي اسان ڪورٽ ٺاهيو آهي۔ هن چيو ت ڪي پي ۾ آپريشن ٿيڻ گهرجي۔ اڳي به نارٿ ۽ سائوٿ وزيرستان ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت پارليامينٽ جي اجازت سان آڪريشن شروع ٿيو جنهنجا بهتر نتيجا نڪتا ۽ ڪنهن حد تائين امن بحال ٿيو۔هن چيو ته ٽي ٽي پي کي اسان نه پر ڪي پي وارن مدعو ڪيو۔ اتي به هڪ جماعت آهي جنهنجو ڪڏهن وزير اعظم هو۔ سياست جي حوالي سان فوج ٽي وي تي اچي چيو آهي ته هو نيوٽرل رهندي۔ جن شخص کي سزا ملي آهي انجا ڪيترائي قصا کلي سامهون آيا آهن۔ شايد اهڙين ئي حرڪتن کان مجبور ٿي انهن چيو آهي ته اسان آئينده نيوٽرل رهنداسين۔










