ٺٽو,  معمولي ڳالهه تان جهيڙو، ٻه  ڀائر مارجي ويا

ٺٽو, معمولي ڳالهه تان جهيڙو، ٻه ڀائر مارجي ويا

ٺٽو(رمضان ميمڻ) ٺٽي لڳ افسوسناڪ واقعي جھيڙي ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا، تفصيل موجب ٺٽي لڳ ڪي ڊي اي موري ڀرسان ڳوٺ ايوب ٻيليچي جا رهواسي 2 ڀائر گڏ زمين تي گهمي رهيا هئا ته ٻنهي ڀائرن ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو وڏي ڀاءُ لڌو ٻيليچو پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ننڍي ڀاءُ نصير ٻيليچو کي قتل ڪري ڇڏيو ڀاءُ کي قتل ڪرڻ بعد لڌو ٻيليچو پاڻ تي پڻ پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو جتي هو به زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار بعد ڊي ايس پي ٺٽو وحيد لاڙڪ اسپتال پهچي وارث سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين راضي ڪرڻ بعد ٻنهي ڀائرن جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرايا ڊي ايس پي ٺٽو وحيد لاڙڪ چيو ته ابتدائي طور تي وارثن مقتولن جي پيءُ ۽ ڀائرن بيان ڏنو آھي ته وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي گولي هڻڻ بعد پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي آھي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي ويندي, مقتولن جي والد خان بھادر ٻيليچو چيو ته منهنجي پٽن جي قسمت اهڙي هئي باقي انهن ۾ ڪوبه تڪرار نه هو منهنجي وڏي پٽ لڌي ٻيليچي ٻئي منهنجي ننڍي پٽ نصير تي فائر ڪرڻ بعد پاڻ کي گوليون هنيون آھن وڌيڪ ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون, جڏهن ته مقتولن جي ڀاءُ بشير احمد ٻيليچو، سندن معزز ربنواز ۽ يعقوب ٻيليچو صحافين کي ٻڌايو ته ٻئي ڀائر خوش مزاجي سان گهران نڪري ٻني گهمڻ ويا گهرن سامھون ٻنيء ۾ واقعو پيش آيو لڌو ڪنھن معاملي تان ڪاوڙجي نصير کي فائر ڪيو جنهن کانپوء پاڻ تي به فائر ڪري ڇڏيو, جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش ڳوٺ ايوب ٻيليچو پھچڻ تي گھر م ڪھرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو