ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي 100 ڪوارٽر، ڪراچي ۾ بنگالي پاڙي ۾ ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ 12 سالن جو ڇوڪرو فوت ٿي ويو.پوليس موجب، ٽينڪر ڊرائيور حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويو، ۽ ڳولا جاري آهي.ريسڪيو عملدارن موجب، هن سال ڪراچي ۾ ڳري گاڏين جي ٽڪر ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 245 تائين پهچي ويو آهي.










