سکر: (ن س) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سکر اسپتال پهچي زخمي ٿيل ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ سپاهين جي طبيعت پڇا ڪئي، انهي دوران هن ڊي ايس پي پارس بکراڻي کي گلدستو پيش ڪيو ۽ سندس علاج جي باري ۾ هدايتون پڻ جاري ڪيون.انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڊي ايس پيز ۽ سپاهين جي طبيعت بهتر ۽سڌرندڙ آهي.ڊاڪٽرن بريفنگ ۾ ٻڌايو آهي ته سکر ۾ ئي علاج هلندو جلد صحتياب ٿي ويندا. هن چيو ته جيستائين عوام پوليس جو ساٿ نه ڏيندو تيستائين پوليس کي مڪمل ڪامياب نه ملندي، سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۾ نوگو ايرياز ختم ٿي ويا آھن. پوليس آپريشن ڪري رهي آهي. جيڪي ڏوهاري پيش ٿيندا انهن کي قانوني طريقي سان ٽريٽ ڪيو ويندو. ٻئي صورت ۾ پوليس پنهجي وسيلن تحت ڪاروائي ڪندي.آءِ جي سنڌ چيو ته جيڪو آفيسر سٺو ڪم ڪري ٿو ان کي انعام ڏنا وڃن ٿا. مقابلي ۾ حصو وٺندڙن کي نيشنل ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ڏوهارين کي ڪو به سپورٽ نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي. لاڙڪاڻو ۾ ڏوهارين جي پيش ٿيڻ تي ڏوهاري ڪارواين ۾ ضابطو آيو آهي. جديد هٿيارن، ٽيڪنالاجي جي مد ۾ سنڌ حڪومت بجيٽ ڏنو آهي جنهن تحت ضلعن سطحي تي ٽيڪنالاجي ۽ جديد هٿيار دٻايا ويا آهن..5 ارب روپيا جديد هٿيارن جي مد ۾ منظور به ڪيا ويا آهن.










