ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فاروق ستار چيو آهي ته 7 ڊسمبر تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي نالي تي ڪراچي جي روڊن تي رياست جي اندر رياست قائم ڪئي وئي، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو.سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي نالي تي ڪراچي جي روڊن ۽ مختلف هنڌن تي هنگامه آرائي ۽ تشدد جا واقعا ٿيا، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، ملڪ دشمني جو اظهار ڪيو ويو، هٿيار کڻي ڏيکاريا ويا، اهو افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل هو جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.فاروق ستار چيو ته 7 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙي جي نالي تي رياستي قانون کي پامال ڪيو ويو. ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو، اتي پوليس مقابلو ٿيو، پوليس جڏهن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس تي به حملو ڪيو ويو، اهو خوفناڪ ۽ خطرناڪ عمل جو، جيڪو ڪيس ٺاهيو ويو انهي ۾ دهشتگردي، قتل جو ارادو ۽ ٻيا قلم شامل آهن.هن چيو ته سموري سانحي تي سنڌ حڪومت جي رد عمل کي ڏسڻو هو، سنڌ حڪومت جي ترجمان طرفان ننڍين ننڍين شين تي رد عمل ڏنو ويندو آهي پر انهي معاملي تي ڪوبه رد عمل نه آيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ چيو ته ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ گورنر جي خلاف ڪُڌي زبان استعمال ڪئي، گورنر هائوس پهچي ريلي جي شرڪت ڪندڙن جو اصل مقصد سنڌ جي گورنر کي تنقيد جو نشانو بنائڻو هو. سنڌ جي گورنر جي عزت سان کيڏيو ويو.فاروق ستار چيو ته پاڪستان جي سالميت کي چيلينج ڪيو ويو. ڪراچي جي امن کي تباهه ڪري فساد جي سازش ڪئي وئي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته شهر ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. سنڌ حڪومت کان وڏي وزير ۽ انهي جي ڪابينه کي چئون ٿا ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين. جيڪي شهر ۾ سک ۽ سڪون سان رهي رهيا آهن انهن کي بي سڪون نه ڪيو وڃي.قومي اسيمبلي جي ميمبر مطالبو ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سموري واقعي جو سوموٽو نوٽيس وٺڻ گهرجي هاءِ ڪورٽ کي ڪابه ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. فاروق ستار چيو ته سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي ڪراچي جي روڊن تي رياست جي اندر رياست قائم ڪئي وئي. گلشن اقبال ۾ پنهنجي گهر اندر ڪير به 40 سالن کان رهي رهيو هجي جتي هاڻ مخصوص وڪيلن جي ٽولي گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شهر ۾ مخصوص زبان ڳالهائيندڙ وڪيلن جي ٽولي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ذيلي عدالت جي رويي تي اعليٰ عدالت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.فاروق ستار چيو ته احتياط علاج کان بهتر آهي، جيڪڏهن پهرين سال کان اهڙين حالتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ها ته اهو نه ٿئي ها، ڪيئن ڪجهه گروپ جا ڪجهه ماڻهو ملڪ ۽ رياست جي مخالفت ڪن ۽ انهن کي ڪجهه چيو به نه وڃي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري کي به انهي معاملي تي ڪجهه چوڻ گهرجي.هن چيو ته انهي ڏينهن تي گورنر جي خلاف سڀ ڪجهه ڪيو ويو، سڀاڻي وڏي وزير جي خلاف به ٿي سگهي ٿو، هي ڪو 200 قسطن وارو ڊرامو نه آهي. جيڪڏهن حڪومت کليل طريقي سان نوٽيس نٿي وٺي ۽ گورنر سان گڏ نٿي بيهي ته سمجهي وڃڻ گهرجي ته 17 سال اڳ جيڪو ٻج پوکيو ويو هو اهو هاڻ وڻ بڻجي چڪو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪراچي جي امن ۽ ملڪي بقا جي خلاف سازش آهي.










