انڊس هاءِ وي تي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 10 زخمي

انڊس هاءِ وي تي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 10 زخمي

دادو: (ن س) دادو ويجهو خداآباد ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي روڊ تي پيرشاخ ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ ۽ ايمبولنس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو وزير چانڊيو فوت ٿي ويو جڏهن ته 5 معصوم ٻارڙن سميت 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا زخمي ايمبولينس ۾ سوار هئا جيڪي ايمبولنس ذريعي ڪراچي کان نهال چانڊيو نالي شخص جي ميت ڪراچي کان کڻي لاڙڪاڻي طرف وڃي رهيا هئا تہ حادثو پيش آيو.حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ سميت فرار ٿي ويو حادثي جو شڪار ٿيل ايمبولنس گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي زخمين ۾ رازي، سنڌاڻي، ريگمان، الهڏتو رمضان، راڄل، غضنفر، روبينا، ملائڪا، آصف، بلال، فخر، ابراهيم، حسن صوفيان، عزيزان، مسرت، انيس، محمد احسان، وقاص، نورين سخت زخمي ٿي پيا. فوتي ۽ زخمين کي سيوهڻ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي ريسيڪو 1122 ٽيم پاران سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو