ٺٽو: (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ۾ هڪ تباهه ٿيل گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٻه ٻار فوت ۽ هڪ ڇوڪري زخمي ٿي پئي.تاريخي شهر ٺٽي جي پير پٿو علائقي ۾، ٻه ڀائر، 10 سالن جو اشرف ۽ 7 سالن جو محمد ابڙو، هڪ تباهه ٿيل گهر جي ڀت هيٺان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته انهن جي 5 سالن جي ڀيڻ نورين زخمي ٿي پئي ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻار ڪمري ۾ سمهي رهيا هئا ته ڪمري جي ڀت انهن تي ڪري پئي ۽ اهي دٻجي فوت ٿي ويا.










