ڪراچي ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، هڪ زخمي

ڪراچي ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، هڪ زخمي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ۽ ٻيو شخص زخمي ٿي پيو.حادثو خيابان حافظ سگنل، ڊفينس فيز 07 جي ويجهو پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. فوت ٿيل جي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار جي سڃاڻپ نادر جي نالي سان ٿي آهي. ڪار ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو