ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران راتيون ٿڌيون رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 28 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 13.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته هوا ۾ نمي 42 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر اوڀر کان 7 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ٿڌيون هوائون هلي رهيون آهن.










