سکر: (ن س) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن(اين ايف سي) جي معاملي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.صحافين سان ڳالهيون ڪندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته آءِ بي اي سکر جي ڪانووڪيشن ۾ اچي فخر محسوس ٿيو، ميرٽ ۽ ٽرانسپرنسي سبب آءِ بي سکر اي هڪ بهترين ادارو آهي هتي جي شاگردن کي تعليم ختم ڪرڻ سان گڏ ئي نوڪرين جي آفر ٿيندي آهي.هن چيو ته سکر ترقي ڪندڙ شهر آهي هتي ماڻهو گهمڻ لاءِ نه پر رهائش لاءِ ايندا آهن. سکر ۾ ايندڙ سالن دوران پيئڻ جي صاف پاڻي جي اسڪيم شروع ٿي ويندي. هن سال بجيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ فنڊز پيئڻ جي صاف پاڻي جا رکيل آهن. صوبائي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تمام گهڻو اهم آهي. 18هين ترميم به اسان آندي، اين ايف سي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.فيلڊ مارشل جي نوٽيفڪيشن بابت سوال تي ناصر حسين شاهه چيو ته فيلڊ مارشل جي نوٽيفڪيشن تي عجيب ڳالهيون ڪيون ويون پي ٽي آءِ وارا جنهن دور مان گذري رهيا آهن انهن جو سبب منفي پروپيگنڊا آهي نوٽيفڪيشن جي معاملي تي به اهڙي ئي پروپيگنڊا ڪئي وئي.ناصر حسين شاهه چيو ته رونجهر منصوبو سنڌ حڪومت ملتوي ڪيو، اتي ڪنهن جي ليز نه آهي. ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي اسان سنجيده نٿا وٺون. سنڌ جي ورهائڻ جون ڳالهيون هي پاڻ کي زنده رکڻ جي لاءِ ڪندا آهن. ايم ڪيو ايم سنڌ جي بلدياتي نظام ۾ شامل ئي نه ٿي هئي. سڀني کان وڌيڪ بااختيار بلدياتي نظام هن وقت سنڌ ۾ آهي. ايم ڪيو ايم وارا صرف شوشا ڇڏيندا آهن. انهن کي سيريس نه وٺندا ڪريو.هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ تمام گهڻي بهتر آهي. پهريان هتي ڪانواءِ هلندي هئي هاڻ اهڙي صورتحال نه آهي. قبائلي تڪرارن کي روڪڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن.ڪراچي ۾ گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل ٻار بابت ڳالهيون ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته ٻارڙي جو گٽر ۾ ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي. وڏي وزير ڪوتاهي ڪرڻ تي سڀني کي معطل ڪيو آهي. ڪوبه پنهنجي ذميواري کان پوئتي نٿو هٽي سگهي. سپر اسٽور وارا پارڪنگ جا پئسا ته وٺندا آهن پر ننڍو کڏو انهن کان نه ڀريو ويو.










