شهر قائد ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

شهر قائد ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرالر هڪ خطرو بڻجي رهيا آهن ۽ انساني جانيون وٺي رهيا آهن.ڪريم آباد پل جي ويجهو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. فوت ٿيل جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل جي سڃاڻپ 27 سالن جي شبير جي نالي سان ٿي آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرالر ڊرائيور خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ کيس انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو