سانگهڙ: (ن س) سانگهڙ ڀرسان جهول ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان مري وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو رڪشا سان ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار ٻه ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته حادثي سبب 7 ڄڻا زخمي پيا آهن.هوڏانهن حادثي جي اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ٻن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي سانگهڙ سول اسپتال پهچايو ويو جتي فوت ٿي ويل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ريشمو ڀيل ۽ شمو مسيح طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ معشوق علي ٽالپر، سبحان علي راجپوت، آتم ڀيل، علي نواز بالادي ۽ ٻيا شامل آهن., زخمين ۾ ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نوابشاه ريفر ڪيو ويو آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهول کان ايندڙ رڪشا جو ايڪسل راڊ ٽٽڻ ڪري ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٽرڪ سان ٽڪر ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو آهي.هوڏانهن حادثي جي اطلاع تي پوليس پهچي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڪلينر کي گرفتار ڪري ورتو آهي حادثي جي اطلاع تي فوتي ۽ زخمين جا مٽ مائٽ وڏي انگ ۾ اسپتال گڏ ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٻن ڄڻن جا مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي جي اطلاع ملڻ تي فوتين جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو.










