ڪراچي(رپورٽر)بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته گلشن اقبال نِيپا جي دلخراش واقعي هر درد رکندڙ دل واري شخص کي افسرده ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي بابت پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته مين هول ۾ ڪري معصوم ابراهيم جو فوت ٿي وڃڻ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ واقعو آهي. والده جي رڙين ۽ ماتم سڀني جي ضمير کي لوڏي ڇڏيو آهي.هن چيو ته معزز اسپيڪر صاحب جي تعاون سان سنڌ اسيمبلي ۾ موجود نمائندن تي ٻڌل هڪ تحقيقاتي ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي. نِيپا سانحي بابت ڪجهه رپورٽون موصول ٿيون آهن، جيڪي اسان جي اطمينان مطابق ناهن. سنڌ اسيمبلي جي نمائندن سان گڏ سينيئر آفيسرن کي پڻ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.هن يقين ڏياريو ته جنهن مان به کوٽائي يا لاپرواهي ثابت ٿيندي، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته مستقبل ۾ ڪا به ماءُ پنهنجي ٻار کان نه محروم ٿئي. مين هول جا ڍڪ چوري ٿيڻ کان بچاءَ لاءِ هڪ نئون طريقيڪار تيار ڪيو پيو وڃي. ماضي ۾ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا آهن، پر انهن جو مستقل حل نه ٿي سگهيو، جنهن سبب اهڙا دلخراش واقعا بار بار پيش ٿيندا رهيا آهن.










