علوي بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيس، جاچ آفيسر کان رپورٽ طلب

علوي بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيس، جاچ آفيسر کان رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ 12 خانداني ميمبرن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر کان هڪ هفتي اندر اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي جو پٽ ۽ ڌيءَ پيش ٿيا، ۽ عدالت جاچ آفيسر، اين سي سي آءِ اي کي درخواست ڏيندڙن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.مذهبي نفرت جي الزامن تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪرڻ تي اين سي سي آءِ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت چيو ته، درخواست ڏيندڙ اهڙو ڇا ڪيو جنهن جي ڪري جاچ شروع ٿي؟ جاچ آفيسر چيو ته درخواست ڏيندڙ هڪ اڳوڻو صدر آهي جنهن هڪ سواليه بيان ڏنو ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ عوامي رد عمل کان پوءِ ڪارروائي شروع ڪئي.جسٽس مبين لاکو جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڇا ڪنهن لکت ۾ شڪايت داخل ڪئي هئي. جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ڪنهن به شڪايت نه ڪئي هئي، ۽ عوامي رد عمل تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪئي وئي.جسٽس مبين لاکو چيو ته اهو بيان ايترو خوفناڪ هو جو ماڻهن جو احتجاج اين سي سي آءِ اي تائين پهتو؟

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو