نيشنل گيمز 6 کان 13 ڊسمبر تائين منعقد ڪرائڻ جو فيصلو

نيشنل گيمز 6 کان 13 ڊسمبر تائين منعقد ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 35 هين نيشنل گيمز 2025 جي تيارين بابت سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه گڏيل طور تي ڪئي. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، تعليم واري سيڪريٽري زاهد حسين عباسي، ڊي جي پي آرز ڊاڪٽر معيز الدين احمد پيرزاده، حبيب الله ميمڻ، ٽرانسپورٽ کاتي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي سي ايسٽ سميت مختلف کاتن جا اعليٰ آفيسر شرڪت ڪئي. اجلاس دوران نيشنل اسٽيڊيم ۽ ڪي ايم سي سوئمنگ پول جو دورو ڪيو ويو ۽ افتتاحي تقريب جي تيارين ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته 35 هين نيشنل گيمز 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿينديون، جڏهن ته افتتاحي تقريب 2 وڳي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي ۽ رانديگرن ۽ آفيشلز جي آمد 12 وڳي کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي. سيڪريٽري تعليم زاهد حسين عباسي بريفنگ ڏيندي چيو ته سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا 10 هزار کان وڌيڪ شاگرد نيشنل راندين ۾ حصو وٺندا ۽ ان حوالي سان ٽائون ۽ ضلعي سطح تي فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن. ٽرانسپورٽ کاتي ٻڌايو ته 6 کان 13 ڊسمبر تائين عورت رانديگرن لاءِ گلابي بسون فراهم ڪيون وينديون. جڏهن ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه چيو ته ٽريفڪ پوليس جا فوڪل پرسن ٻين صوبن کان ايندڙ رانديگرن ۽ مهمانن سان گڏ مقرر ڪيا ويندا ۽ ٽريفڪ پوليس رهائشگاهن کان وٺي جڳهن تائين موجود هوندي. سردار محمد بخش مهر چيو ته افتتاحي تقريب ۾ حصو وٺندڙ خاندانن جي آن لائن رجسٽريشن شروع ٿي چڪي آهي ۽ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا. سڀني ادارن کي باهمي هم آهنگي ۽ مڪمل تعاون کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ثقافت کاتو نيشنل گيمز جي سمورن پروگرامن ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته راندين جي تيارين، سرگرمين ۽ نيشنل گيمز جي واڌاري بابت سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ خاص مهم شروع ڪئي ويندي. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن راندين جي تيارين کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڪراچي ۾ عالمي معيار جون رانديون منعقد ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو