سکر: (ن س) روهڙي ڀرسان نيو يارڊ ڪالوني ۾ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس اهلڪار جهانگزيب جتوئي گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو. ڏوهارين جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪارن جو مڙهه تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، شھيد ٿي ويل پوليس اهڪار جي وارثن سميت شهرين جو وڏو انگ اسپتال پھتل آهي.فرضن جي ادائيگي دوران حياتي وڃائيندڙ پوليس ڪانسٽيبل جهانزيب جتوئي جي نمازِ جنازه پوليس لائن هيڊڪوارٽر سکر ۾ وڏي ادب، احترام ۽ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي، جتي شهيد جي مغفرت، بلند درجات ۽ لواحقين جي صبر لاءِ اجتماعي دعا پڻ ڪئي وئي.نماز جنازه ۾ ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي سکر اظهر خان، ايس ايس پي سي ٽي ڊي قدوس ڪلوڙ سميت وڏي تعداد ۾ پوليس آفيسرن، اهلڪارن، صحافين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.ياد رهي ته گذريل رات ٿاڻو روهڙي جي حدن ۾ نيويارڊ ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي دوران پوليس ڪانسٽيبل جهانزيب جتوئي گوليون لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو هو.سرڪاري اعزاز طور شهيد جي جسدِ خاڪي کي سکر پوليس جي چاڪ چوبند دستي سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته لاش کي پاڪستان ۽ سنڌ پوليس جي جهنڊي ۾ لپيٽيو ويو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر رينج چيو ته امن جي بحالي لاءِ پهنجون جانيون قربان ڪندڙ پوليس آفيسر ۽ جوان اسان جو فخر آهن. شهيد ڪانسٽيبل جهانزيب جتوئي جي قرباني هرگز رائيگان نه ويندي، مقابلي ۾ ملوث سڀئي ڏوهاري جلد انجام تائين پهچايا ويندا.ايس ايس پي سکر چيو ته پوليس جا حوصلا بلند آهن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن آخري ڏوهاري جي گرفتاري تائين جاري رهندو.نماز جنازه کان پوءِ شهيد جو جسدِ خاڪي سندن آبائي ڳوٺ روانو ڪيو ويو، جتي مڪمل سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي وئي۔










