ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اڄ سموري ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو 58هون يوم تاسيس ملهايو پيو وڃي جنهن لاءِ ملڪ جي هڪ سئو کان وڌيڪ هنڌن تي اجتماع منعقد ڪيا ويا، تفصيل موجب بلاول ڀٽو زرداي يوم تاسيس جي اجتماعن کي هڪ ئي وقت خطاب ڪيو بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب 100 کان وڌيڪ شهرن ۾ هڪ ئي وقت ٻڌو ويو، ڪراچي ڊويزن جي تحت ڪورنگي ۾ يوم تاسيس جي موقعي تي جلسو ٿيو، جلسي گاهه ۾ اسٽيج، وڏيون اسڪرينون لڳايون ويون آهن، جلسه گاهه، پيپلز پارٽي، ذيلي تنظيمن جي جهنڊن، آجيان واري بينرز سان سجايو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي 58هين يوم تاسيس تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي 58هين يوم تاسيس تي عوام جي نالي پيغام جاري ڪيو.تفصيل موجب مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوامي حقن ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، جمهوريت جي بالادستي، آئين جو تحفظ ۽ عوامي حڪومت اسان جو بنيادي مشن آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي عمل اسان جو عزم آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي 58هين يوم تاسيس تي عوام، جيالن ۽ قيادت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جو راز عوام جي طاقت جو سرچشمو آهي، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي پيپلز پارٽي جي بنيادي سڃاڻپ آهي، سنڌ حڪومت عوامي خدمت ۽ ترقي جي ايجنڊا تي مسلسل گامزن آهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ جي باني ميمبرن، اڳواڻن ۽ بيشمار جيالن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس جمهوريت، باوقات، مساوات ۽ سماجي انصاف جي جدوجهد سان جنم وٺندڙ عوامي تحريڪ جو جشن آهي. پيپلز پارٽي هميشه مظلومن جي حقن جي ڍال بڻيل آهي. قائد عوام سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين پيپلز پارٽي تاريخي جدوجهد ۽ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ انهن جي آواز کي بلند ڪيو ۽ بي بي شهيد جمهوريت جي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. اسان جي پارٽي جو سفر اسان جي شهيدن جي قربانين سان لکيل آهي، ڪارڪنن جي استقامت انهي کي مضبوط بنايو.هن چيو ته آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان بي مثال ڪاميابين جو دور ڏٺو. صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ آئين جي بحالي ۽ تاريخي 18هين ترميم منظور ٿي، صدر آصف علي زرداري جي قيادت صوبائي خودمختاري ۽ مفاهمت، جمهوري تسلسل جي لاءِ قدمن کي ممڪن بنايو هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ گڏجي قرباني جرئت ۽ عوامي طاقت جي انهي ميراث کي اڳيان وڌايون، اسان جو سفر جاري آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جو قيام عوام سان هڪ واعدو هو ته انهي ملڪ جي عام انسان کي به عزت ۽ اختيار ملندو. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي شهيدن، ڪارڪنن ۽ اڳوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن هن ملڪ جي جمهوريت کي پنهنجي رت سان سجايو، اڄوڪي ڏينهن صرف هڪ پارٽي جي سالگره ناهي، هڪ جدوجهد جي ياد آهي جنهن ملڪ ۾ جمهوري روايتن کي زنده رکيو.










