گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو

گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.واقعو ڀينس ڪالوني ۾ رحمانيه مسجد جي ويجهو پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جا اعليٰ عملدار ۽ امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار جي وارثن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو