ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري کي فلسطين جي ٻہ رياستي حل لاءِ فيصلا ڪندڙ قدم کڻڻ گهرجن.فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻي عالمي برادري لاءِ ضروري ٿي ويو آهي ته ٻہ رياستي حل تي عملدرآمد لاءِ فيصلا ڪندڙ قدم کنيا وڃن.بلاول ڀٽو چيو ته فلسطين کي درپيش مصيبت انسانيت جي اجتماعي ضمير تي هڪ ڳوڙهو زخم آهي. فلسطين تي جاري قبضي دوران هر معصوم جان جو نقصان ۽ هر گهر جي تباهي دنيا کي اخلاقي جرئت، انصاف ۽ رحم سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو سڏ آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه فلسطيني عوام سان مضبوطي سان بيٺي آهي. پيپلز پارٽي فلسطيني عوام سان گڏ بيٺي رهندي جيستائين انهن جو ڊگهي عرصي کان هلندڙ آزادي جو اڻ پورو خواب پورو نه ٿئي. عالمي برادري کي بين الاقوامي قانونن جي تعميل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فلسطين سان يڪجهتي صرف جذبات تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر ان کي انصاف ۽ پائيدار امن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي.










