ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي پاپوش نگر علائقي ۾ هڪ سرڪاري اسڪول جي ڀت ڪري پئي.ريسڪيو عملدارن چيو ته ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي گاڏيون ۽ هڪ موٽرسائيڪل تباهه ٿي وئي. ڪو به زخمي نه ٿيو.گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون اسڪول جي ڀت جي ڀرسان بيٺيون هيون، جيڪي ٽٽڻ سبب ملبي هيٺان دٻجي ويون.مقامي رهواسين موجب، اسڪول جي عمارت ۾ مرمت جو ڪم ٿي رهيو هو.










