عرفان بلوچ کي آءِ جي آزاد ڪشمير مقرر ڪرڻ جي سفارش

عرفان بلوچ کي آءِ جي آزاد ڪشمير مقرر ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر پوليس آفيسر عرفان بلوچ کي آءِ جي آزاد ڪشمير مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ کان پوءِ، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير پوليس جي نئين انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) جي مقرري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ٻه پوليس آفيسر ڊوڙ ۾ آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کي نئين آءِ جي آزاد ڪشمير لاءِ سينئر سنڌ پوليس آفيسر عرفان علي بلوچ جو نالو تجويز ڪيو آهي.پوليس سروس آف پاڪستان جو گريڊ 20 آفيسر عرفان علي بلوچ هن وقت ڪراچي جي ويسٽ زون ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس طور مقرر آهي.شڪار پور سان تعلق رکندڙ عرفان علي بلوچ کي بدامني جي مخصوص حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ‘ماهر’ سمجهيو ويندو آهي. عرفان علي بلوچ کي ڪراچي جي ڏکڻ زون ۾ ڊي آءِ جي طور تي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.سينئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس حيدرآباد جي حيثيت سان پنهنجي مقرري دوران، عرفان علي بلوچ بدامني ۽ اسٽريٽ ڪرائم کي مخصوص انداز ۾ ڪنٽرول ڪري شهرت حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو