اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن قومي، صوبائي اسيمبلي جي ضمني چونڊن جي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.قومي اسيمبلي جي 5 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن مان ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. اين اي 96 فيصل آباد مان بلال چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن صابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ طلال چوڌري جي ڀاءُ بلال چوڌري جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو هو.اين اي 18 هريپور مان بابر نواز خان، اين اي 104 فيصل آباد مان دانيال احمد، اين اي 129 لاهور مان محمد نعمان، اين اي 143 ساهيوال مان محمد طفيل جي ڪاميابي ۽ اين اين 185 ڊيره غازي خان مان محمود قادر خان ڪامياب قرار ڏنو ويو.صوبائي تڪ پي پي 73 سرگودها مان ميان سلطان علي رانجها، پي پي 87 ميانوالي مان علي حيدر، نور خان نيازي، پي پي 98 فيصل آباد مان اعزاز علي تبسم، پي پي 115 فيصل آباد مان محمد طاهر پرويز، پي پي 116 فيصل آباد مان احمد شهريار، پي پي 283 ساهيوال مان محمد حنيف ۽ پي پي 269 مظفر ڳڙهه مان ميان عالمدار عباس قريشي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن گريٽ آف پاڪستان ۾ به شايع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.










